ڪٺ پتلي خلاف اعلان جنگ آهي، کيس هٽائينداسين، بلاول

ڪٺ پتلي خلاف اعلان جنگ آهي، کيس هٽائينداسين، بلاول

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جهموريت خطري ۾ آھي  ملڪ تي ظالم ۽ ڪٺ پتلي حڪمرانن جو راڄ آھي انجو خاتمون آڻڻ ۽ عوامي حقن لاءِ روڊن تي نڪتو آھيان.  عمران خان هر طبقي جي معشيت جو قاتل آھي. جيڪو ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان کان وزارتون وٺندڙ سنڌي ڌرتي جا غدار ۽ سنڌ جي حقن جا سوداگر آهن . سندس حڪومت کي ڪيرائي  عوامي حڪومت قائم ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظھاراسلام ڪوٽ ۾ وفاقي سرڪار خلاف ڪوٺايل وڏي عوامي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي  بلاول ڀٽو زرداري اسلام ڪوٽ تعلقي جي 36 سئو ميٽر هولڊر ماڻهن کي هڪ سئو يونٽ تائين بجلي مفت فراهم ڪرڻ واري اسڪيم جو افتتاح ڪيو ۽ تقريب دوران هن اسلام ڪوٽ واسين کي سندن بجلي جا فري بل به پيش ڪيا، جيڪي سنڌ حڪومت ادا ڪري چڪي آهي.

جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  ٿر محبت، امن ، سادگي ۽ مهمانوازن جو ديس آھي ۽  انگريزن خلاف بغاوت جو علم ٿر جي بهادرن بلند ڪيو. روپلو ڪولهي جو ڪردار اڄ به ڪارونجهر جبل جيان اوچي ڳاٽ بيٺل آھي. انگريزن سان وڙھندڙ هتان جي ڪولهين راجپوتن ۽ ٻين جو قدر ڪريان ٿو. سندن ڌرتي تان ڪٺ پتلي حڪومت خلاف سياسي جنگ جو اعلان ڪري رهيو آھيان. هن چيو ته ميڊيا، عدالتون ۽ سرڪاري ادارا ريموٽ تي هلن ٿا ان ڪري مون شھيد ذولفقار ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو جيان  عوام جو رخ ڪيو آھي عوام جو ساٿ مون سان گڏ آھي ته مونکي ڪنهن جي به پرواهه ناهي ۽ مونکي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي. هن چيو ته ٿر حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي. مسڪين جهان کوسو ۽ مزاحمتي ڪردار شھيد بختاور جي سرزمين آھي. مونکي فخر آھي ته شھيد بي نظير ڀٽو کي هتان جي ماڻھن مارئي ملير جي جو لقب ڏنو.  هن چيو ته بي نظير ڀٽو عوام تان قربان ٿي ويئي پر آمرن آڏو نه جهڪي ۽ آئون به عوام جي حقن خاطر پوئتي نه هٽندس. هن چيو ته وفاق سنڌ جي پاڻي کانوٺي وسيلن جي ورڇ تائين ناانصافي ڪري رهيو آھي. روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن صوبن جا حق ڦريا پيا وڃن. هن چيو ته ايتري تائين جو ڪٺ پتلي حڪومت ڪشمير جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، ڪير به غيرتمند پاڪستاني کين معاف نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جو اڳيون احتجاج سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي ڪنڌڪوٽ ۾ 26 تي ٿيندو، اسان پنهنجو آواز اسلام آباد تائين پهچائينداسين. اسلام آباد وارا اسلام ڪوٽ وارن جو آواز ٻڌن، اسلام ڪوٽ وارو جو هڪ آواز آهي ته“ مُڪ گيا تيرا شو عمران، گو عمران گو عمران”. جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ٿر ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جو ڪيمپس کولڻ لاءِ 85 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن ۽ ان جو پلاٽ پڻ خريد ڪري چڪا آهيون جڏهن ته ڄاڻايل يونيورسٽي جي ڪئمپس جو  بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار ٿرڪول ايريا جي مقامي ڳوٺاڻن سان جيڪي به واعد ڪيا هئا اُهي وفا ٿي چڪا آهن،

جهڙي ريت ٿرڪول ايريا بلاڪ ٽو جي رهواسين کي ماڊل وليج زمينن جا معاوضا ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري چڪا آهيون ساڳئي ريت ٿرڪول بلاڪ ون سميت سمورن بلاڪن ۾ متاثر ٿيندڙن لاءِ ڪالونيون،اسڪول،صحت مرڪز،آر او پلانٽس،مندر مسجدون ۽ ٻيون سموريون بنيادي سهولتون وقت سر فراهم ڪنداسين،ٿرڪول ملڪ جو روشن مستقبل آهي ۽ ٿرڪول تي سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. هن چيو ته 6 مهينا اڳ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام ڪوٽ تعلقي جي 30 هزار ماڻهن کي بجلي مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ان تحت هر ميٽر هولڊر کي هڪ سئو يونٽ تائين بجلي فري فراهم ٿيڻ شروع ٿي چڪي آهي، ان   موقعي تي جلسي کي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ارباب لطف الله، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، ميرمنور ٽالپر، علي مردان شاھ،، انجنيئر گيان چند، عاجز ڌامراھ،، ڪرشنا ڪماري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو