ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)مڪلي جي اسٽيل ڪالوني جي فٽ بال گرائونڊ ۾ ( ڪِڪِ دَا ڊَرگس ) جي عنوان سان منعقد ٿيل ھڪ ھفتي جو فٽ بال ٽورنامنٽ پڄاڻي تي پهتو. جنھن جو فائنل ٻن ٽيمن مخدوم فٽ بال اڪيڊمي ۽ مھراڻ فٽ بال ڪلب جي وچ ۾ کيڏيو ويو مقرر وقت ۾ گول نـ ٿيڻ سبب فائنل جو فيصلو پينلٽي ڪڪس ذريعي ٿيو ۽ اھڙي طرح فائنل مھراڻ فٽ ڪلب کٽي ورتو انھي موقعي تي فائنل ميچ جي خاص مھمان مڪلي پريس ڪلب جي صدر اعجاز واريو ۽ اعزازي مھمان سينيئر صحافي جاويد لطيف ميمڻ پاران فائنل ميچ کٽندڙ ٽيم جي ڪيپٽن مظھر سومرو ۽ رنر اپ ٽيمن وچ ۾ ٽرافيز پيش ڪيون ويون انھي جڏھن تـ نوجوان صحافي شيراز واري ـ قادر جاکرو ـ ايم ايڇ ڪنڀر ـ ٺٽي جي متحرڪ سماجي اڳواڻ محمد علي خٽڪ سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ فٽ بال جي مداحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










