ڪي پي ۾ ٻن مختلف حملن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ اهلڪار شهيد

ڪي پي ۾ ٻن مختلف حملن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ اهلڪار شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻن مختلف واقعن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 دهشتگرد پڻ مارجي ويا. ڊان اخبار جي هڪ رپورٽ موجب پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) سرڪاري طور تي مارجي ويلن جي تصديق نه ڪئي آهي پر سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته وادي تيره ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 سيڪورٽي اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. AFP نيوز ايجنسي اڱاري تي هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ “9 شدت پسند” پڻ مارجي ويا. جھڙپ ان وقت شروع ٿي جڏھن هٿياربندن باغ ميدان سينٽر جي ڀرسان فوجي ڪيمپ تي حملو ڪيو. وادي تيره ۾ ٻن ڏينهن تائين ڇڪتاڻ جاري رهي، جنهن دوران ڪاروبار بند رهيو، پر اڱاري تي ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ بعد دڪان کوليا ويا. آچر جي شام، مقامي واپارين احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، جھڙپ دوران مارٽر گولن سبب سندن دوڪانن کي ٿيل نقصان جو معاوضو ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ٻئي طرف بنون جي علائقي جاني خيل ۾ مالڪ خيل چيڪ پوسٽ جي ويجهو آپگهاتي حملي ۾ ڪيترائي سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي خيل ڌماڪي کانپوءِ هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، شهيدن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هي حملا ان ڏينهن ٿيا جڏهن اسلام آباد ۾ نيشنل سيڪورٽي بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري هو جنهن ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت شريڪ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو