پشاور(ويب ڊيسڪ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ به دهشتگردن خلاف بلوچستان جي نوعيت جهڙي آپريشن جي ضرورت آهي ڳالهه ٻولهه ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلوچستان ۾ جاري آپريشن کي بلوچستان حڪومت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، افغانستان دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيو آهي، ان ڪري ئي سرحدون بند آهن.هن چيو ته افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا چيو ويو آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل سندس سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان خلاف جتان به دهشتگردن کي حمايت ملندي، اتي آپريشن ڪنداسين، تنهنڪري خيبرپختونخوا ۾ به بلوچستان جهڙي آپريشن جي ضرورت آهي. گورنر ڪي پي سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته سياسي حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، اڄ مسلم ليگ (ن) سان گڏ آهيون، اڳتي جو ڪجهه نٿو چئي سگهجي. گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ هڪٻئي جي آمهون سامهون هيون، پر بعد ۾ گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي لاءِ گڏ ٿيون ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به هڪٻئي جو مقابلو ڪري رهيون آهن.










