پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، آسماني کنوڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پشاور ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پئي جنهن سبب گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي آئي جڏهن ته نوشهره، ڪينٽ ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ تيز برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو.موسميات کاتي موجب چترال، دير بالا، وزيرين، سوات، شانگله، بونير مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. اهڙي طرح بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، باجوڙ، مهمند، مردان، صوابي، نوشهره، چارسده، پشاور، ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو، لکي مروت ۽ بنون ۾ به ڪنهن ڪنهن هنڌ تي برسات جو امڪان آهي.ڊيره اسماعيل خان، ٽانڪ، ڪرم اورڪزئي ۽ اتر، ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته مٿانهين علائقن جي حساس هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. جڏهن ته پشاور ۽ نوشهره، چارسده، مردان ۽ صوابي جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي. انهي دوران تيز هوائن ۽ آسماني کنوڻ سبب ڪمزور ڍانچن سولر پينلز، بجلي جي ٿنڀن ۽ بل بورڊز کي نقصان پهچي سگهي ٿو.هوڏانهن خراب موسمي صورتحال سبب پيش آيل حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. رستم جي علائقي عرفان نگر ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهر جي هڪ ڪمري جي ڇت پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ملبي هيٺيان دٻجي 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا جڏهن ته ماءُ ۽ هڪ ڌيءَ سخت زخمي ٿي پيا.ريسڪيو 1122 موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 2 ورهين جو محمد حسين ۽ 1 ورهين جي زنيره شامل آهن. زخمين ۾ محمد طاهر جي گهر واري ۽ انهي جي 14 ورهين جي ڌيءَ شامل آهن جن کي فوري طور تي ايم ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ امدادي ڪارروايون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.ريسڪيو ذريعن موجب لنڊي ڪوتل جي علائقي گور گوري ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ هڪ موٽر ڪار ۽ هڪ وين لڙهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا.










