ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري ۽ بارش جو سلسلو جاري آهي. جنهن سبب خيبرپختونخواه ۾ 4 گهر جزوي ۽ 2 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن. ڇتون ڪرڻ سبب 4 ماڻهو فوت ۽ 9 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. گلگت ۾ بارش، برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب شاهراهه قراقرم مختلف جاين تي بند آهي. ڪيتريون گاڏيون مختلف جاين تي ڦاسي پيون آهن، مقامي انتظاميا هيوي مشينري سان ملبو هٽائي رستو کولڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. مري، گليات ۽ ڪشمير جي باغ واري علائقي سميت مختلف جاين تي برفباري ۽ بارش جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪشمير به ڪيترن جاين تي لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 19 ۽ 20 فيبروري تي بارش، برفباري جو سلسلو جاري رهندو. عوام انهن علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پرهيز ڪري. اسلام آباد ۾ به ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان ڪنهن مهل تيز ته ڪنهن مهل هلڪي بارش جو سلسلو جاري آهي.










