ڪي پي ۾ انٽيليجنس آپريشن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا: شهباز شريف

ڪي پي ۾ انٽيليجنس آپريشن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن.هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته هو شهيد سپاهي شاهزيب اسلم جي بهادري کي سلام پيش ڪري ٿو.هن اهو به چيو ته سپاهي شاهزيب اسلم دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويو.شهباز شريف جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هي قدم اسان جي غير متزلزل عزم کي واضح ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو