پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي ڏکڻ ضلعن ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس خورشيد اقبال درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڏکڻ ضلعن ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سپريم ڪورٽ ان حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.










