پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي هائوس جي معاملي تي آءِ جي اسلام آباد خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.صوبائي ڪابينا دهشتگردي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اجلاس دوران صوبائي ڪابينا خيبرپختونخوا يونيورسٽيز ايڪٽ 2012ع ۾ ترميم جي به منظوري ڏني، جڏهن ته يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري جو اختيار وڏي وزير کي ڏيڻ واري ترميم جي به منظوري ڏني وئي.حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته ترميمن کانپوءِ وڏو وزير سمورن سرڪاري يونيورسٽين جو چانسلر هوندو. ترميمن ۾ وائيس چانسلرز جي عهدي جو مدو به چار سال مقرر ڪيو ويو آهي.وومين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي عهدن تي صرف عورتن کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ڪابينا ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2024ع جي مسودي جي به منظوري ڏني جڏهن ته ڪي پي هائوسنگ اٿارٽي ۽ پي ايڇ اي فائونڊيشن وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي جي به منظوري ڏني وئي.ان معاهدي تحت سوريزي ۾ 8500 ڪنال تي 8000 گرين اسٽرڪچر هائوس تعمير ڪيا ويندا. معاهدي تحت سورزئي ۾ 5000 اپارٽمنٽ پڻ تعمير ڪيا ويندا.قرض جي رقم ڳوٺاڻن رسائي منصوبي تحت منظور ڪئي وئي آهي. قرض جي رقم 30 ڪروڙ مان وڌائي 378 ملين ڊالر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.










