پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ جي معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي درخواست اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏي هئي.پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي اعتراضن خلاف اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو.جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ مان اپيل نه آئي ته سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي گورنر چونڊن لاءِ 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏني آهي، گورنر اڳ ۾ 28 مئي جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن کيس نوٽيفڪيشن ناهي ڏنو.گورنر پاران 8 آڪٽوبر جي تاريخ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ به فيصلو ڏنو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، گورنر کي حڪم ڏنو وڃي ته فوري چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.










