ڪي پي حڪومت پاران عوام کي لائف انشورنس ڏيڻ جي منظوري

ڪي پي حڪومت پاران عوام کي لائف انشورنس ڏيڻ جي منظوري

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت عوام کي لائف انشورنس فراهم ڪرڻ لاءِ انقلابي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف الله چيو ته صوبي جي 49 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، لائف انشورنس ويلفيئر اسڪيم جو مقصد غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.اطلاعات واري صلاحڪار ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت عوام کي لائف انشورنس فراهم ڪرڻ لاءِ انقلابي پلان جي منظوري ڏني آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته هڪ شخص جي موت سڄي خاندان کي معاشي بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جاني نقصان جو ازالو ڪرڻ ناممڪن آهي پر متاثر خاندانن جي مالي مدد ڪرڻ حڪومت جو وڏو قدم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو