پشاور )ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل اڄ سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته سول ججن جي مقرري جي نئين طريقيڪار خلاف بائيڪاٽ جو سڏ ڏنو ويو آهي.قانون کاتي سول ججن جي مقرري لاءِ وڪيل طور ٻن سالن جي تجربي جي شرط کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، فيصلي موجب، مستقبل ۾ تجربي کان سواءِ جج مقرر ڪيا ويندا.ان دعويٰ ڪئي ته ٻن سالن جي تجربي تي فيصلو بار ڪائونسل ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي صلاح مشوري سان ڪيو ويو.










