پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ طرفان خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس ابراهيم خان ۽ جسٽس عبدالشکور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق احمد غني پيش ٿيو.اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر گوهر خان چيو ته نگران حڪومت جو مدو 18 اپريل تي ختم ٿي ويو آهي، مدو پورو ٿيڻ باوجود چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني وئي.ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه چيو ته صوبائي حڪومت کان جواب تيار آهي، چونڊن جي تاريخ گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻي آهي.جسٽس ابراهيم خان چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا، ڪيس کي ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ڪنداسين، 4 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪندو.جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










