ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) پاران شهر جي پارڪن جي ڪمرشل استعمال کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ڪي ايم سي پاران پارڪن جي ڪمرشل استعمال خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جنهن دوران لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي پاران پارڪن جي ڪمرشل استعمال خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي سٽي ڪائونسل جي قرارداد نمبر 134 کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نالي تي رليف پلاٽ جو مقصد تبديل نٿو ڪري سگهجي.عدالت چيو ته آرٽيڪل اي-140 تحت مقامي حڪومت جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻا هئا، صوبائي اسيمبلي اختيار مقامي حڪومتي ادارن کي منتقل نه ڪيا، هن وقت ڪي ايم سي جا ڪارروايون قانون جي خلاف آهن، ڪي ايم سي کي پارڪ کي خانگي پارٽين کي ڪرائي تي ڏيڻ جو اختيار ناهي.










