ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان ڪراچي واسين کي ٻڌائينداسين ته ڪي اليڪٽرڪ ڪيئن شهر جي عوام کي يرغمال بڻائي ورتو آهي اڱاري تي سٽي ڪورٽ۾صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ناجائز بلن جي خلاف جماعت اسلامي جو عوامي ريفرنڊم ڀرپور نموني سان جاري اهي جنهن ۾ ڪراچي بار ۽ سٽي ڪورٽ ۾وڪيلن به حصو ورتو هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو معاملو سڄي شهر جي 3 ڪروڙ ماڻهن جو آهي اوور چارجز ۽ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾غيرقانوني چارجز وصول ڪيا پيا وڃن حافظ نعيم الرحمان چيو ته عدالتي فيصلي سان شهر کي رليف مليو آهي جماعت اسلامي ٽيڪس جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکندي هن چيو ته فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ جون ۽ جولاءِ ۾ اڳاڙي ڪئي وئي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ 153 ارب جي ايس ايس جي سي جي به قرضي آهي آر ايل اين جي جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ 53 ارب سيتپمبر ۾ ادائيگي ڪئي ڪراچي جي شهرين کان جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ وصول ڪئي ويئ ۽ لائن لاسز ۽ خراب پاور پلانٽ جو ملبو به عوام تي وڌو ويو آهي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سڀاڻي ريفرنڊم جو آخري ڏينهن آهي. ۽ اسان عوام کي ٻڌائينداسين ته ڪي اليڪٽرڪ ڪيئن عوام کي يرغمال بڻائي ورتو آهي وڪيل برادري اسان جي ڪيسن ۾ شامل ٿي عوام جي ترجماني ڪري هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پريشان آهي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڪراچي کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن موٽر ويڪل ٽيڪس ۽ انفرااسٽريڪچر ٽيڪس ڪراچي جي شهرين کان اڳاڙيا ويا هن ٽيڪس سان ڪراچي کي ڪجهه ناهي مليو هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مافيا سان ڪي ايم سي مافيا به شامل آهي مرتصيٰ وهاب ٻڌائي ته ان جي پارٽي شهر کي ڇا ڏنو.










