راولپنڊي/ اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ملڪ جي پهرين نشانِ حيدر يافته بهادر پٽ ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو اڄ 78 هون يومِ شهادت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، جنهن تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلح افواج پاران کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب، ڪيپٽن محمد سرور شهيد 27 جولاءِ 1948ع تي آزاد ڪشمير جي علائقي تل پترا ۾ پهرين ڪشمير جنگ دوران دشمن جو دليري سان مقابلو ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيو ۽ ملڪ جو پهريون اعليٰ ترين فوجي اعزاز ماڻيندڙ سپاہي بڻيو. پنهنجي پيغامن ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪيپٽن سرور شهيد آزاديءَ ڪشمير لاءِ جان جو نذرانو ڏنو، سندس نالو تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شهيد جي بهترين عسڪري حڪمت عملي اسان لاءِ فخر آهي ۽ هن ثابت ڪيو ته دفاعِ وطن لاءِ پوري قوم سيهو پيل ديوار آهي. آءِ ايس پي آر موجب شهيد جي اها لازوال قرباني وطن جي غيرت ۽ حب الوطني جي اعليٰ ترين اصولن جي عڪاسي ڪري ٿي.










