پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر مٿان بيضن سان حملو ڪيو ويو. ملڪ ۾ تحريڪ انصاف ۽ (ن) ليگي ڪارڪنن وچ ۾ هڪ ٻئي جي اڳواڻن مٿان مس، بيضن ۽ جوتا هڻڻ جو سلسلو وڌندو پيو وڃي جنهن کان پوءِ هاڻ پشاور ۾ پيشي تي ايندڙ(ن) ليگي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر به ان کان محفوظ نه رهي سگهيو. پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ته هو عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ڪيپٽن محمد صفدر جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ واپس وڃي رهيو هو ته نامعلوم ماڻهن ان مٿان بيضن سان حملو ڪيو.صفدر عدالت کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته نامعلوم شخص سندس مٿان 2 بيضا اڇليا ۽ تيزي سان فرار ٿي ويا. ڪيپٽن(ر) صفدر نامعلوم جوابدارن کي مارڻ لاءِ ڊوڙيو ته هو رڪشا ۾ ويهي فرار ٿي ويا. ڪيپٽن صفدر ۽ ان جي حامين نامعلوم شرپسندن جي خلاف نعريبازي ڪئي ان کان پوءِ پشاور پوليس بيضا اڇليندڙ شخص کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.










