سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ويجهو ڪيٽل فارم تي اينٽي ڪرپشن ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سرڪل آفيسر مقصود احمد سومرو موجب ڪيٽل فارم جا قيمتي وڻ وڪرو ڪيا ويا، پيٽرول جي مد ۾ روزانو وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي هئي. ڪيٽل فارم تي موجود مينهون وڪرو ڪيون ويون آهن. ڪارروائي دوران عملو فرار ٿي ويو، سرڪل آفيسر موجب فارم تي وڏي تعداد ۾ ملازم مقرر هئا، ٽي يار چار ملازم ڊيوٽي ڪندا هئا باقي غيرحاضر رهندا هيا. رڪارڊ تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










