وليمسن جو ٽي 20 انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان

وليمسن جو ٽي 20 انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ميلبرن (ويب ڊيسڪ)نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪين وليمسن ٽي 20 انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ڪين وليمسن جي رٽائرمينٽ جي تصديق ڪئي آهي، نيوزي لينڊ بورڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسٽار ڪرڪيٽر اعلان ڪيو آهي ته هو ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ وائيٽ بال سيريز ۾ حصو نه وٺندو ته جيئن هو ڊسمبر ۾ ٽيسٽ سيريز تي ڌيان ڏئي سگهي،ڪين وليمسن ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ نيوزي لينڊ لاءِ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ رن اسڪور ڪندڙ رانديگر آهي،اسٽار ڪرڪيٽر 2011 ۾ پنهنجو ٽي 20 انٽرنيشنل ڊيبيو ڪيو ۽ 93 ميچن ۾ نيوزي لينڊ جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾ هن 18 اڌ سينچرين سان 2,575 رنسون ٺاهيون.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪين وليمسن جي ڪپتاني ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم ٻه ڀيرا ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۽ هڪ ڀيرو فائنل ۾ پهتي.

پهنجو تبصرو موڪليو