ڪينيڊا ۽ پاڪستان   وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق

ڪينيڊا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڪينڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند پاڪستان پهچي وئي جتي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان سندس آجيان ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته هو ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو. هن چيو ته ٻنهي جي اڳ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ به ملاقات ٿي هئي ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳيتو سفارتي رابطا برقرار رهيا آهن. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فعال سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وٽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. اسحاق ڊار چيو ته ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو قيمتي اثاثو آهي، جڏهن ته ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جو هي دورو ٻطرفن لاڳاپن کي نئين رخ ۽ وڌيڪ رفتار ڏيندو.ان موقعي تي ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند پاڪستاني ميزباني ۽ پرجوش آجيان تي ٿورا مڃيندي چيو ته ڪينيڊا پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏيل طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪينيڊا ۾ ٽن لک کان وڌيڪ پاڪستاني نزاد شهري آباد آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا عالمي معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته زراعت، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن ۽ هو اڄ ٻطرفي سهڪار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ جي منتظر آهي.ان کان اڳ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتي، جتي پرڏيهي آفيس پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس آجيان ڪئي ۽ کيس پرڏيهي آفيس جي اعليٰ عملدارن سان متعارف ڪرايو. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايا. ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندي، جن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني پهلوئن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي دعوت تي سرڪاري دوري تي پاڪستان آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو