ڪير اهڙي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندو جتي اداڪارائن جا لاش مليا هجن؟

ڪير اهڙي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندو جتي اداڪارائن جا لاش مليا هجن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا نعيمه بٽ تازو ئي پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ ڪم نه ملڻ بابت هڪ طنزيه وڊيو شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.نعيمه اڄڪلهه ڪنهن به نئين ڊرامي ۾ نظر نه ٿي رهي آهي پر هوءَ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي سرگرم آهي ۽ مختلف وڊيوز ٺاهيندي رهي ٿي ۽ انهن کي پنهنجي تصديق ٿيل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪندي رهي ٿي.پنهنجي وڊيو ۾ نعيمه بٽ تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪي چون ٿا ته توهان کي پاڪستاني ڊرامن ۾ ڪم نٿو ملي، ان ڪري توهان اهڙيون وڊيوز ٺاهي رهيا آهيو، پوءِ ڪير اهڙي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو جتي اداڪارائن جا لاش مليا هجن؟ منهنجي پالتو ڪتي سان ملو، گهٽ ۾ گهٽ هو وفادار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو