ٺٽو(ن س) ڪوھستاني پٽي لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي ۽ سورجاڻو جبل جي اسپاس بيٺل ناياب مختلف وڻن جي غيرقانوني واڍي جاري، وڍيل ناياب وڻن جون ٽرڪون، سوزوڪيون ۽ رڪشہ ڀرجي وڪرو ٿيڻ لڳا، وائلڊ لائيف کاتي سميت انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ان سلسلي ۾ مقامي ڪوھستان واسين دانھيندي چيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي ۽ سورجاڻو جبل جي اسپاس مختلف ناياب وڻن جي غيرقانوني واڍي تيزي سان جاري آھي، جنھن جون ٽرڪون، سوزوڪيون ۽ رڪشہ ڀرجي وڪرو ٿي رھيا آھن، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ اھڙا ناياب وڻ جيڪي رڳو چوپائي مال جي ڇراھگاھن، ڪوھستاني پٽي جي رھواسين جي کيٽن، رستن ۽ لنگھن تي وڃي بچيا آھن، جن جي بہ واڍي شروع ٿي ويئي آھي، پر وائلڊ لائيف کاتي سميت انتظاميہ بہ ڪو تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھي. ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ مختلف باياب وڻن جي ٿيندڙ غيرقانوني ڪٽائي روڪي انھن جو تحفظ ڪري ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سميت ڪوھستان جي سونھن کي بچايو وڃي.










