ڪوٽ عالمون بچاءُ بند کي بااثر زميندار ڪٽ ڏئي ڇڏيو

ڪوٽ عالمون بچاءُ بند کي بااثر زميندار ڪٽ ڏئي ڇڏيو

سجاول (ن سنڌ يار) انتهائي حساس قرار ڏنل ڪوٽ عالمون بچاءُ بند کي بااثر زميندار پاران هيوي مشينن ذريعي 12 فوٽ ويڪرو ڪٽ لڳايو ويو پنهنجون ڪچي واريون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ انتھائي حساس بچاءُ بند کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سجاول ضلعي جي لکين ماڻهن ۽ ڪروڙين ايڪڙ زرعي زمينن جو ايندڙ آبڪلاڻي جي موسم ۾ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي 2010ع ۾ بدترين ٻوڏ جو سبب بڻجندڙ ڪوٽ عالمون بچاءُ بند جنهن کي ٻوڏ کان پوءِ سرڪاري خزاني مان اربين روپين جي لاڳت سان ٻيهر  مضبوطي سان تعمير ڪيو ويو هو ۽ انهي انتهائي حساس بچاءُ بند کي علائقي جي بااثر زميندار پاران ڳوٺ عبدالله گگو جي ويجهو آر ڊي 16 وٽ هيوي مشينن ذريعي 12 فوٽ ويڪرو ڪٽ لڳائي بند کي ڪمزور ڪيو ويو آھي، بااثر زميندار پاران بچاءُ بند کي معمولي نقصان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪچي واري زمين آباد ڪرڻ لاءِ راج واهه مان غيرقانوني طور تي پاڻي چوري ڪري مقامي زميندارن جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينن کي غيرآباد ڪري انهن کي معاشي طور تي بدحال ۽ ڪنگال ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه  ڇڏي آهي.بچاءُ بند کي ڪٽ لڳل ڏسي علائقي جا سوين رهواسي اتي پهچي ويا ۽ آبپاشي کاتي خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ اڳوڻو يوسي ناظم دودو جاکرو، وڏيرو عبدالله گگو، صديق جاکرو، ممتاز ملاح، الھڏنون مھندو، حاجن رانٽو، انور جاکرو، جانو جاکرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان انتهائي حساس ۽ اربين روپين جي لاڳت سان مضبوط تعمير ڪيل بچاءُ بند کي پنهنجي لالچ ۽ فائدي جي عيوض ڪٽ لڳائي هڪ دفعو ٻيهر ڪمزور ڪيو ويو آهي.هنن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان بااثر زميندار راج واهه مان پاڻي چوري ڪري پنهنجي ڪچي جي زمينن کي آباد ڪندو جنهن سبب اسان وٽ پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿي ويندي جنهن سبب اسان جي علائقي جون لکين ايڪڙ زمينون غيرآباد ٿي وينديون.هنن وزير اعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته انتهائي حساس قرار ڏنل بچاءُ بند کي ڪٽ ڏئي سجاول ضلعي جي عوام کي ٻوڏ جي خطري ۾ وجهندڙ ۽ سرڪار کي اربين رويپن جو نقصان پهچائيندڙ زميندار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ هن ۾ شريڪ آبپاشي کاتي جي آفيسرن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو