سکر (ن س )سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي.ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو وهڪرو 328,000 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي 482,000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو بئراج تي پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي، وهڪرو گهٽجي 376,000 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي اڃا تائين وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. هيڊ اسلام ۽ هيڊ سليمانڪي تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.










