ڄامشورو(ستار جهتيال) ڪوٽڙي مان اڍائي مهينا اڳ اغواٿيل عورت ٽن ٻارن سميت ڪوٽڙي پوليس ٽنڊوالله يار مان بازياب ڪرائي ورتي. 16 سيپٽمبر تي ڪوٽڙي منجهان اغوا ٿيل عورت مسمات خاتون ۽ سندس ٽن ٻارن کي بازياب ڪرائي ورتو آھي جڏهن ته 13 ساله پري اڃان تائين لاپته آھي، پوليس موجب ڪاروائي دوران اغوا ڪندڙ ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.










