ڪوٽا سسٽم حسينه واجد کي کائي ويو، اسان کي ڊڄڻ گهرجي:ستار

ڪوٽا سسٽم حسينه واجد کي کائي ويو، اسان کي ڊڄڻ گهرجي:ستار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته هڪ ڪوٽا سسٽم حسينه واجد کي کائي ويو، اسان کي به انهي وقت کان ڊڄڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2024 ترميمي بل تي ڳالهائڻ چاهيو ٿي، اسان کي بل بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو مان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪريان ٿو.ان دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فاروق ستار کي هدايت ڪئي ته اوهان پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهايو جنهن تي فاروق ستار چيو ته احتجاج کي رڪارڊ تي رکي ڇڏيو، اهڙو فيصلو به تڪراري هوندو آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت بنهي جي هٿن مان وقت نڪري رهيو آهي، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، مشاورت جي ذريعي فيصلا ڪرڻا پوندا. مخصوص سيٽون هيون ته انهن کي ڏيڻ گهرجن ها. هن وڌيڪ چيو ته قومي مشاورت ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن عدالت اها قانونسازي ختم ڪري ڇڏي ته اسان ڪٿي بيٺل هونداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو