ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ)اڱاري ڏينهن خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ جي لاچي علائقي ۾ دهشتگردن پوليس وين تي حملي دوران ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ڊي ايس پي) سميت پنج پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ چار ٻيا اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب واقعي ۾ ٻه قيدي به مارجي ويا آهن ۽ فوتين جو انگ 7 ٿي ويو آهي.
حملو ان وقت ٿيو جڏهن ڊي ايس پي لاچي اسد محمود خان جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم قيدين کي جاچ لاءِ منتقل ڪري رهي هئي. نامعلوم هٿياربندن اوچتو گاڏي تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني.
شهيد ٿيندڙن ۾ ڊي ايس پي اسد محمود خان، انسپيڪٽر انار گل خان، هڪ گن مين، ڊي ايس پي جو ريڊر وهاب گل ۽ ڊرائيور شامل آهن. مارجي ويل ٻن قيدين جي سڃاڻپ يوسف خان ولد يعقوب گل ۽ سميع الله ولد محمد انور طور ٿي آهي.
ٽن پوليس اهلڪارن ــ ظهور خان، عقاب حسين ۽ محب رحمان، سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿيا، جن کي علاج لاءِ ڪوهاٽ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حملي کانپوءِ ڪوهاٽ پوليس جو وڏو دستو واقعي واري هنڌ تي پهتو.
خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ سندس ساٿين جي شهادت جو نوٽيس وٺندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي.
وڏي وزير واقعي بابت انسپيڪٽر جنرل پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي. هن چيو ته “هي واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.”
هن چيو ته خيبر پختونخواهه پوليس دهشتگردي خلاف پهرين دفاعي لائين آهي ۽ سندن قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن. “دهشتگردن جون بزدل ڪارروايون پوليس جي حوصلي کي لوڏي نٿيون سگهن،” هن چيو.
آفريدي چيو ته صوبائي حڪومت شهيدن جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
وڏي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر ۽ همت جي دعا پڻ ڪئي.
هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
ياد رهي ته سومر ڏينهن خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرد جي حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جا ٽي اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جڏهن هڪ ڊرون حملي ۾ ايف سي جي قلعي کي نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ زخمين کي کڻي ويندڙ ايمبولينسن تي حملو ڪري انهن کي باهه ڏني وئي.
پوليس موجب ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، جنهن کي عملدار فتنہ الخوارج سڏين ٿا، بهادر خيل علائقي ۾ درگاهه شهيدان ڀرسان ايف سي جي قلعي تي ڊرون حملو ڪيو.
هي حملو خرم محمد زئي ٿاڻي جي حدن اندر ٿيو، جنهن ۾ حوالدار صابر، سپاهي امين، سپاهي ذهيب، سپاهي مراد ۽ سپاهي يوسف زخمي ٿيا.
ڊي پي او ڪرڪ سعود خان چيو هو ته حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا دستا فوري طور هنڌ تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو.
ڪراچي: اورنگي ٽائون ۽ بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلا، 3 ڄڻا مارجي ويا
اختلاف پنهنجي جاءِ تي، صوبي جي امن لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو: فيصل ڪريم ڪنڊي
ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا
ايران سان ڳالهيون سٺي مرحلي ۾ آهن: ٽرمپ
ايف بي آر آڪٽوبر ۾ هدف کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو، دستاويز
12 ضلعن لاءِ 30 کان 40 ارب رپين جي ضرورت آهي: آءِ جي
ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو روادار روح
ڀارت کان ايندڙ هوائون فضائي معيار خراب ڪن پيون : مريم اورنگزيب
دلجيت سان اختلاف، اڀيجيت ڊپڪي معافي وٺي ڇڏي
ڪامران اڪمل جو اڪيڊمي جو دورو، سهولتن جي واکاڻ
خوف ۾ ورتل اڄ جي صحافت
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي










