ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ ۾ برسات دوران ڪچي گهر جي ڇت ڪري پئي، ملبي هيٺان دٻجي ٻارن ۽ عورتن سميت 11 ڄڻا فوت جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا. سومر ڏينهن ڪوپاٽ جي ڀرپاسي واري جابلو ڳوٺ ‘مالگين’ ۾ شديد برسات سبب ڪچي گهر جي ڇت ڪري پئي. ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي. فوت ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته حادثي وقت گهر ۾ هڪ تقريب هلي رهي هئي. ملبي مان زخمين کي ڪڍي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي. ان کان علاوه، اٽڪ ۾ به برسات جي ڪري ديوار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊيرا غازي خان جي قبائلي علائقي ۾ برسات کانپوءِ سيلابي نديءَ ۽ نالن ۾ چاڙهه اچي ويو. برسات جي ڪري ملتان، ڊي جي خان ۽ مظفر ڳڙهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.










