دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) ڪاڇي جي ٿاڻي شاھ حسن تي مقرر ايس ايڇ او پاران ٽنڊو رحيم خان جي صحافين رانجهن جمالي ۽ اسماعيل شاهاڻي کي احتجاج جي ڪوريج کان روڪڻ توڙي صحافين سان بداخلاقي ٻولي ڳالهائڻ خلاف جوهي ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صحافين پاران پريس ڪلب جوهي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي صحافين ٻڌايو ته شاھ حسن ٿاڻي تي مقرر بدمست ايس ايڇ او پاران قلم ڌڻين ڪيل بداخلاقي ۽ احتجاج جي ڪوريج کان روڪڻ مذمت جوڳو عمل آھي هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبوڪندي گهر ڪئي شاھ حسن ٿاڻي تي مقرر پوليس ایس ایچ او کي هٽائي قلم ڌڻين کي تحفظ ڏنو وڃي










