ڪورونا وائرس ويڪسين جي انسانن تي آزمائش شروع

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي آمريڪا ۾ انسانن تي آزمائش شروع ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ ڪورونا خلاف تيار ڪيل ويڪسين پهريون ڀيرو ايترو تيزي سان انسانن تي آزمائش اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿي آهي. هن ويڪسين جي جنياتي ويڪسنس صرف ٻه مهينا اڳ تيار ٿي هئي.امريڪي رياست ميساچوسٽس جي ڪمپني هي ويڪسين 42 ڏينهن ۾ تيار ڪئي آهي. هن جا ڪلينيڪل ٽيسٽ هڪ سال کان 18 مهينن تائين هلي سگهن ٿا. واشنگٽن ۾ 45 ماڻهن تي 16 مارچ تي آزمائش شروع ڪئي وئي جن جي عمر 18 کان 55 سال آهي. ڪمپني موجب “ايم اين آر اين اي” کي ڪورونا وائرس پروٽين ڪوڊ سان لوڊ ڪيو ويو آهي، جيڪا جسم ۾ سئي ذريعي داخل ڪجي ٿي. جسم ۾ پهچڻ بعد لمفي نوڊز جي خلين جي مدافعتي نظام کي مّوبوط ڪري ٿي جنهن سبب ڪورونا وائرس جي جيوڙن کي ڳولي انهن کي ختم ڪري ٿي. ياد رهي ته 2019 جي آخر ۾ چين جي صوبي ووهان ۾ سامهون ايندڙ هي وائرس دنيا جي 157 ملڪن ۾ ڪورونا وائيس جي مريضن جو انگ هڪ لک 78 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ هن مهل تائين 7055 ماڻهو مري چڪا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ۽ چين ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. يورپ ۾ 35 هزار مريض آهن جن مان 27 هزار رڳو اٽلي ۾ آهن. اٽلي ۾ مرندڙن جو انگ 2158 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو