ڪورونا وائرس سينٽر آبادي کان ٻاهر منتقلي جو حڪم

ڪورونا وائرس سينٽر آبادي کان ٻاهر منتقلي جو حڪم

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان آئسوليشن يونٽ آبادي واري علائقي ۾ ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ايران ۽ عراق کان پهتل زائرين کي سکر جي ليبر ڪالوني ۾ قائم ٿيل آئسوليشن يونٽ ۾ رکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت زائرين کي آئسوليشن يونٽ ۾ رکڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته آبادي کان پري کين رکڻ جو اهتمام ڪريو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ليبر ڪالوني ۾ 800 زائرين لاءِ آئسوليشن وارڊ ٺاهيو پيو وڃي، ڪورونا جي حوالي سان شڪي ماڻهن مان آس پاس جي آبادي ۾ وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي. ليبر ڪالوني وڏي آبادي وارو علائقو آهي ۽ هتي آئسوليشن يونٽ ٺهڻ سان شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. سمورو شهر رِسڪ تي آهي، صحت کاتي ۾ اڳ ئي سهولتون نه آهن. عدالت صحت بابت وفاقي سيڪريٽري، صوبائي سيڪريٽري ۽ ڊي سي سکر کي به طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو