ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 6 رڪني باڊي ڪورونا وائرس فنڊ جو انتظام ڪري رهي هئي.هن 18 مارچ 2020 کان 21 اپريل 2021 تائين 17 اجلاس منعقد ڪيا.اجلاس ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ ۾ 3699 ملين رپيا وصول ٿيا، ان جو ڪل خرچ 32077.23 ملين رپيا هو جڏهن ته هن وقت اڪائونٽ ۾ 35 ملين رپين کان وڌيڪ رقم موجود آهي.سنڌ ڪابينا باقي رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.










