اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 54 مريض فوت رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 3هزار 100 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ڪورونا جي شماريات واري ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 43هزار 214 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 3هزار113 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. سرڪاري رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ڪيسن جي مثبت شرح 7.2 سيڪڙو رهي آهي .پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 7 هزار 897 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيسن جو ڪل انگ 3لک 89هزار 311 تائين پهچي ويو آهي.ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ 1هزار489 مريض 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک68هزار783 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 2هزار885 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک17هزار،160 آهي ۽ 2هزار 945 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار ،008 آهي ۽ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 165 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 46هزار 281 ٿي ويو آهي ۽ 1هزار 346 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪاآهن.آزاد ڪشمير ۾ 6هزار501 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 155 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين 4هزار 598 ڪورونا جا ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن ۽ 96 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 28 هزار980 آهي ۽ هن وقت تائين 305 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.










