ڪورونا سبب فوتين جي تعداد ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به ڪمي

ڪورونا سبب فوتين جي تعداد ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به ڪمي

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙ ن جي تعداد ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به ڪمي ٿي آهي.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 30 هزار139  ڪيس ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار895 مريصن ۾  ڪورونا جي تصديق ٿي ۽ 39 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 10هزار 350 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک 88هزار529 تائين پهچي ويو آهي.ان کان علاوه گذريل  24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 1هزار779 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿيا آهن. صحتياب  ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک42 هزار 457 ٿي ويو آهي.اين سي او سي  جي رپورٽ موجب سڄي  ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو تعداد 35هزار722 آهي.سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک18هزار597 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار611 مريض هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک 40هزار 714 آهي ۽ 4هزار124 مريض هن وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار247 آهي ۽ فوتين جوتعداد 185 آهي خيبرپختونخواهه  ۾ ڪورونا جي مريضن جوڪل تعداد 59هزار484  ٿي چڪو آهي ۽ 1هزار675 مريص هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد  8 هزار357  آهي ۽  226  مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار867 ٿي چڪو آهي  ۽ 101 مريض فوت ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 38هزار263 ٿي چڪو آهي ۽ هينئر تائين 428 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو