ڪورونا سبب دنيا ۾ 50 لک کان مٿي ماڻهون فوت ٿيا

ڪورونا سبب دنيا ۾ 50 لک کان مٿي ماڻهون فوت ٿيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)جانس هاپڪنز يونيورسٽي مطابق ڪووڊ جي گذريل 19 مهينن ۾ دنيا ۾  پنجاهه لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. ويڪسين موت جي شرح کي سست ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪجهه صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته فوتين جو حقيقي تعداد تمام گهڻو ٿي سگهي ٿي. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي عملدارن موجب ڪجهه هنڌن تي ڪورونا سبب ڪيسن ۽ موت جو تعداد گذريل مهينن جي ڀيٽ ۾ وڌي رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ وائرس جا لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جو اندازو آهي ته وبائي مرض جي حقيقي عالمي موت جو تعداد سرڪاري رڪارڊ کان ٻه کان ٽي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. آمريڪا ۾، 745,800 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن. ان کانپوءِ برازيل آهي جتي 6 لک 7800 ماڻهو مري ويا. هندستان458,437 موت جا ڪيس رپورٽ ٿيا. صحت جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو انگ گهٽ رپورٽ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو