اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ڪورونا وائرس سبب افغان پناهگيرن جي رضاڪارانه وطن واپسي جو عمل معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. طورخم ۽ چمن سرحد تان افغان پناهگيرن جي واپسي جو عمل جاري هو جيڪو هاڻي معطل ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ازخيل ۽ نوشهره جڏهن ته بلوچستان م ڪوئٽه ۽ بليلي ۾ قائم گڏيل قومن جون آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










