اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 361 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان ڪورونا جا 492 مثبت ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا مان وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 2.42 ٿي وئي. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا 169 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.










