ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف ميمبر ملڪن جي لاءِ 650 ارب ڊالرز جي فنڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪا تاريخ جي سڀ کان وڏي فنڊنگ آهي، آءِ ايف اي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن کي ڪورونا تي ڪنٽرول لاءِ فنڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، فنڊنگ جي ذريعي ترقي يافته ۽ غريب ملڪن کي 275 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ فنڊنگ جي منظوري ڏني آهي ۽ سمورن ميمبر ملڪن جي لاءِ فنڊنگ 23 آگسٽ کان دستياب ٿي سگهندي، اسٽييٽ بينڪ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هن فيصلي سان 2 ارب 80 ڪروڙو ڊالر ملڻ جا امڪان آهن ۽ هي رقم هلندڙ مهيني جي آخر تائين ملڻ جي اميد آهي.










