ڪورنگي   ۾ ايس يو پي پاران مهانگائي خلاف احتجاج

ڪورنگي ۾ ايس يو پي پاران مهانگائي خلاف احتجاج

ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪورنگي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ڪورنگي طرفان وڌندڙ موت مار مهنگائي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خبرموجب – ايس يو پي ضلعي ڪورنگي طرفان ملڪ ۾ ھوشربا مهنگائي ۽ پيٽرول بجلي جي قيمتن ۽ سنڌو دريا کي سڪائڻ خلاف چڪراڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري کي خطاف ڪندي ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي صدر منير مگسي ضلعي ڪورنگي صدر امير جان چانڊيو، طارق جتوئي سهيل ڀٽي جمعو سومرو ساگر کروڙ امر کروڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن جي ڪري ملڪ ۾ پٽرول، بجلي، ۽ کاڌي پيتي جي، شين جي، اگهن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آھي۔ جنهن سبب مزدور هاري پورهيت جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آھي ٻئي طرف سنڌو درياء مٿان غيرقانوني ڊيم ۽ واه ٺاهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنجاب جون زمينون آباد ۽ سنڌ جون زمينون بنجر ڪيون پيون وڃن جنهن جي ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ملي۔ جيڪو ملي ٿو اهو پاڻي سنڌ جا وڏيرا سردار ۽ چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي چوري ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪن پيا نتيجي ۾ سنڌ جو ننڍو زميندار تباه ۽ برباد ٿئي ويو آھي ۽ ٿر ڪاڇو ڪوهستان سميت سنڌ جي سمورن شھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي۔ اسين اعلي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد ڪرپٽ حڪمرانن خلاف نوٽس وٺي مهنگائي ۾ ڪمي آڻي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو