ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) سيرينا هوٽل جي پارڪنگ ۾ ڌماڪي سبب 5 ڄڻا مارجي ويا، ٻن اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت نجي سيڪورٽي ڪمپني جو گارڊ ۽ پوليس اهلڪارن سميت 11 ڄڻا زخمي آهن. ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي، سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪري ورتا. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن زخمين جي حات نازڪ آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چيني سفير ڌماڪي وقت هوٽل ۾ موجود نه هو، هن چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو هو، ڀارت امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڌماڪو گاڏي ۾ رکيل بارود سبب ٿيو، گاڏي جو پارڪنگ ۾ پهچڻ سيڪورٽي جي ڪوتاهي آهي.










