اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو کاتي جي وفاقي وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته ڪو مائي جو لال حڪومت ڪيرائي نٿو سگهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته هو سمجهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد نه ايندو، سندس ڌرڻي جو وقت صحيح نه آهي، عمران خان جي ڌرڻي وقت صورتحال مختلف هئي. حڪومت کي ڪيرائڻ جي حوالي سان سوال جو جواب ۾ هن چيو ته ڪو مائي جو لال ڪنهن جي چوڻ تي حڪومت کي ڪيرائي نٿو سگهي، جيستائين عوام جو اعتماد آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت هلندي رهندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي، جنهن مديني جي رياست جي ڳالهه ڪئي، هو پنهنجي وزيرن کان پُڇندو آهي ته خُدا جي خلق لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو اٿئو؟ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اعجاز شاهه چيو ته ڪنهن به مدرسي جي رجسٽريشن رد نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري مدرسن جو نصاب تبديل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جڏهن ته مدرسن کي جديد تعليم مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










