ڪوئيٽا  ۾ گيس ليڪ، ڌماڪي ۾ عورت ۽ ٻه ٻارڙا فوت

ڪوئيٽا ۾ گيس ليڪ، ڌماڪي ۾ عورت ۽ ٻه ٻارڙا فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي ايئرپورٽ روڊ تي گهر ۾ گيس لڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا.چيف فائر برگيڊ آفيسر عبدالحق موجب گهر ۾ ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي ريڪسيو ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهچي ويون.چيف فائر برگيڊ جو چوڻ هو ته گهر ۾ گيس ڦاٽڻ سبب باهه لڳي جنهن ۾ هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا سڙي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.چيف فائر برگيڊ موجب فوت ٿيل عورت ۽ ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گهر ۾ لڳل باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو