ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفيس تي دستي بم حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بيان ۾ چيو آهي مان ڪوئيٽا ۾ پ پ جي اليڪشن آفيس تي دستي بم حملي جي مذمت ڪريان ٿو زخمي ٿي ويلن جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان،ادارن کي اپيل آهي ته انڪوائري ڪئي وڃي.










