ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ زلزلي جا ڌڪ محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن جي شدت 4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزله پيما مرڪز موجب زلزلي جي گهرائي 15 ڪيلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز ڪوئيٽا کان 37 ڪيلوميٽر اتر-اوڀر (شمال مشرق) ۾ هو. ضلعي انتظاميه موجب، فوري طور تي زلزلي جي ڪري ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.










