ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ باراکان واقعي خلاف ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. خان آف قلات جي ڀاءُ سينيٽر آغا عمر احمدزئي ريڊ زون ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.آل پاڪستان مري اتحاد جي اڳواڻ مهر دين مري چيو آهي ته اسان جا مطالبا پورا ٿي ويا آهن، ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا.مهر دين مري چيو ته اسان جا ٻيا مطالبا به مڃيا ويا آهن.هن چيو ته صوبائي وزير عبدالرحمان گرفتار ٿيو ۽ خان محمد مري جي گهروارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.مري اتحاد جي چيئرمين چيو ته صوبائي حڪومت اسان سان تعاون نه ڪيو، حڪومت سردار عبدالرحمان کٽياڻ جي حمايت ڪري رهي آهي.مهر دين مري چيو ته آءِ جي پوليس جا شڪر گذار آهيون جنهن يرغمالي کي بازياب ڪرايو ۽ ٻيا مطالبا پورا ڪيا، لاش ڊي اين اي لاءِ ورتا پيا وڃن، تدفين جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.هن چيو ته گرين ناز ۽ سندس ڌيءَ کي ڪراچي ميڊيڪل نيو ويندو.










