ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ ڪڪڙ جي گوشت ۽ انڊيءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب شهر ۾ ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه 640 رپين مان گهٽجي 590 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ انڊن جو في درجن اگهه 300 کان گهٽجي 270 رپيا ٿي ويو آهي.ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ انڊا 400 کان 440 رپيا في درجن ۾ وڪرو ٿي رهيا هئا.










