ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي بم ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳون آهيون. هن چيو ته امن لاءِ قوم جو عزم دهشتگرديءَ جي بزدلاڻن ڪاررواين سان ڪمزور نه ٿو ٿي سگهجي، ملڪي امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي.










