ڪنڌڪوٽ ۾ روڊ حادثو ،زال مڙس فوت

ڪنڌڪوٽ ۾ روڊ حادثو ،زال مڙس فوت

ڪنڌڪوٽ: (ن س) ڪنڌ ڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فلور مل وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن .واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس ٻنهي زال مڙس جا لاش کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندا جتي ٻنهي فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نورحسن پٽ سلطان سولنگي ۽ سندس زال شازيا ملڪ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي پاسي حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل نورحسن سولنگي پنهنجي زال سان گڏ موٽرسائيڪل تي صادق آباد کان غوثپور سھرن جي شادي تي وڃي رھيا ھئا ته انڊس ھائي وي فلور مل وٽ افسوس ناڪ حادثو پيش آيو آهي ٽالر جو ڊارائيور فرار ٿي ويو آھي پوليس پويان رواني اٿس جڏهن ته ٻنهي زال مڙس جا لاش ايمبولنس ذريعي پنجاب جي شھر صادق آباد روانو ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو