ڪنڊيارو،عدالت ويندڙن  مٿان فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ڪنڊيارو،عدالت ويندڙن مٿان فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ڪنڊيارو: (ن س) ڪنڊيارو ۾ ڪورٽ ۾ پيشي تي ويندڙن مٿان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل، جڏهن ته ھڪ سخت زخمي کي نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو نيو ويو.ڳوٺ لنڊو موري ويجهو پراڻي دشمني تڪرار تان هڪ ڌر جي فائرنگ ۾ ڳوٺ صوف ڏاهري جا رهواسي 2 ڄڻا ارشاد علي، رسول بخش ڏاهري ۽ هڪ واٽهڙو شاهد راڄپر قتل ٿي ويا. جڏھن تہ فائرنگ ۾ سعيد ڏاهري سخت زخمي ٿي پيو زخمي سعيد ٻڌايو تہ اسان ڪنڊيارو ڪورٽ ۾ تاريخ تي وڃي رهيا هئاسين ته برادريءَ جي ماڻھن فائرنگ شروع ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا قتل ڪيا آھن ۽ مان زخمي ٿي پيس، اسان جو پاڻ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو. اهڙي اطلاع تي حد جي ڪنڊيارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي مقامي اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته زخمي کي پڻ اسپتال آندو ويو آھي. ايس ايڇ او ڪنڊيارو امدا جاگيراڻي واقعي واري هنڌ موجود آهي، ذاتي دشمني سبب واقعو ٿيو آھي پوليس حملو ڪندڙن جي پويان ويل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو