ڪنهن کي به اسان جي ايٽمي اثاثن تي خدشو نه هئڻ گهرجي:وزيراعظم

ڪنهن کي به اسان جي ايٽمي اثاثن تي خدشو نه هئڻ گهرجي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر جو بائيڊن سان منسوب بيان کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته گذريل ڏهاڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان انتهائي ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ ايٽمي پروگرام کي موثر ٽيڪنيڪل ۽ فول پروف ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم ذريعي منظم ڪيو وڃي ٿو.هن چيو ته پاڪستان هميشه ائٽمي هٿيارن جي صلاحيت جي حوالي سان انتهائي ذميواراڻي ڪردار جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي ائٽمي انرجي ايجنسي (آءِ اي اي) سميت عالمي معيارن تي پورو لهندو رهيو آهي، عدم پکيڙ، سلامتي ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي معيارن تي عمل ڪيو آهي.وزيراعظم چيو ته عالمي امن کي اصل خطرو ڪجهه رياستن پاران انساني حقن جي ڀڃڪڙين مان آهي جيڪي مروج عالمي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، انتهاپسند قومپرستي ۽ غيرقانوني قبضن خلاف جدوجهد ڪندڙ ملڪن جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ايٽمي ڌماڪن سان بار بار ٿيندڙ حادثن جو شڪار ملڪن جي وچ ۾ آهيهن چيو ته دنيا جي امن کي اصل خطرو انهن سيڪيورٽي اتحادن مان آهي جن جي ٺهڻ سان علائقائي توازن متاثر ٿي رهيو آهي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل دوستي ۽ تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، مسلسل ڪوششون انتهائي ضروري آهن، ان مقصد لاءِ غير ضروري بيانن کان پاسو ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته هو علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ آمريڪا سان سهڪار ڪرڻ جي پرخلوص خواهشمند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو